سنڌسلامت لفظيڪار

* يا ؟ جون نشانيون استعمال ڪندي لفظ ڳوليو

سنڌ سلامت لفظيڪار جي باري ۾

دنيا جو ٽيون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن انسان ذات وات مان نڪرندڙ آوازن کي پهرين لهجي ۽ پوءِ ٻوليءَ جو درجو ڏنو. هڪ اندازي موجب هن وقت ۾ دنيا نَوَ (9) هزار ٻوليون آهن، جڏهن ته لهجن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. گذريل پنج هزار سالن دوران ڪئين ٻوليون ۽ لهجا ختم ٿي چڪا آهن. سنڌ دنيا جو واحد خطو اهي، جتي لڳ ڀڳ ڏھ هزار سال اڳ سنڌي ٻولي ۽ انجي صورتخطي ٺاهي ويئي. ان وقت کان وٺي سنڌي ٻولي دائم ۽ قائم ته آهي پر هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي جيترو خطرو سنڌي ڳالهائيندڙن کان آهي اهڙو خطرو ٻوليءَ کي اڳ ڪڏهن نه هو.

ماضيءَ ۾ سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ ضم ٿي ويا. ان سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي رڳو صوتخطي تبديل ٿيندي رهي. پر هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي خطرناڪ صورتحال آهي.

ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ٻولي ۾ هندي ٻولي جو اثر، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين تي اتان جي علاقائي ٻوليءَ جو اثر ۽ ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري شهر ۾ رهندڙ سنڌين تي اردو ۽ انگريزي ٻولي جو اثر ايترو ته وڌي ويو آهي جو اڪثر سنڌي ڳالهائيندي پنهنجي مادري ٻوليءَ کان پهريان ڌارين ٻولين جا لفظ وات تي تريو اچن. ان طرح نج سنڌي لفظ مٽجڻ لڳا آهن. رڳو ايترو ئي نه پر هاڻي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ موجود لفظ سمجهڻ لاءِ به ڌارين ٻولين جو سهارو پيو ورتو وڃي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود لفظن جي مٽجڻ جي ان سلسلي کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته هڪ اندازي موجب پوري دنيا ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 7 ڪروڙ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ جلد پنهنجي ٻولي جي لفظن کي وساري ويهندا.

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي خطرناڪ صورتحال کان واقف آهي ۽ ٻوليءَ جي بقاء لاءِ سدائين ڪوششون ڪندي رهي آهي. انهن ئي ڪوششن تحت هڪ اضافي کڻندي ”سنڌ سلامت لفظيڪار“ کي پيش ڪجي ٿو.

هي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ته جامعڊيٽابيس آهي جنهن کي سهيڙي پروگرامنگ ذريعي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي. سنڌ سلامت لفظيڪار ذريعي توهان سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به لفظ کي سولائي سان ڳولي سگهوٿا بس ان لاءِ ڪنهن به سنڌي لفظ جا رڳو هڪ يا ٻه اکر لکي ڳولا ڪري سگهجي ٿي.

ان طرح سنڌ سلامت لفظيڪار نه رڳو هر عام ۽ خاص سنڌين لاءِ فائديمند آهي پر سنڌي پروگرامنگ ڪندڙ ڊيولپرس لاءِ ڪارپس، سنڌي ادب لاءِ وڏو لفظي ذخيرو ۽ شاعرن لاءِ جهڙوڪ ڏات ديوي آهي.

سنڌ سلامت لفظيڪار جي مکيه فيچرس ۾ شامل آهن:

• هم قافيه لفظن جي ترت ڳولا
• شروع واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
• آخري واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
• وچ واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
• جامع ۽ مستند لفظن جو ذخيرو
• ڳولا نتيجي ۾ ايندڙ لفظن جي جامع درستگي
• ڳولا نتيجي ۾ ايندڙ لفظن جي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊڪشنري پورٽل سان ڳانڍاپو. جيئين لفظن جي درستگي ۽ معنيٰ کي جانچي سگهجي

اميد ته سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي بقاء لاءِ هي ڪوشش پڻ لاڀائتي ثابت ٿيندي.


والسلام
رشيد سمون
منتظمِ اعليٰ
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام