سنڌسلامت لفظيڪار

* يا ؟ جون نشانيون استعمال ڪندي لفظ ڳوليو

سنڌ سلامت لفظيڪار جي باري ۾

هي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ته جامع ڊيٽابيس آهي جنهن کي سهيڙي پروگرامنگ ذريعي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي. سنڌ سلامت لفظيڪار ذريعي توهان سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به لفظ کي سولائي سان ڳولي سگهوٿا بس ان لاءِ ڪنهن به سنڌي لفظ جا رڳو هڪ يا ٻه اکر لکي ڳولا ڪري سگهجي ٿي. ان طرح سنڌ سلامت لفظيڪار نه رڳو هر عام ۽ خاص سنڌين لاءِ فائديمند آهي پر سنڌي پروگرامنگ ڪندڙ ڊيولپرس لاءِ ڪارپس، سنڌي ادب لاءِ وڏو لفظي ذخيرو ۽ شاعرن لاءِ جهڙوڪ ڏات ديوي آهي.

مڪمل تحرير لاءِ ڪلڪ ڪريو

خصوصيتون:

استعمال ڪندڙن لاءِ هدايتون

هم قافيه لفظ ڳولڻ:

هم قافيه لفظ ڳولڻ لاءِ اهان ڪو به لفظ جيئن جو تيئن لکو. مثال: جيڪڏهن اوهان لفظ ”مند“ لکي ڳولا ڪريو ٿا ته اوهان کي نتيجي ۾ هيٺيان لفظ ملندا:
بند، پسند، ڏند، منجهند وغيره

سواليه نشان (؟) استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ

لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ سواليه نشان ڪنهن لفظ جي محدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙو لفظ ڳولڻ جنهن جو ڪو اکر معلوم نه هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م؟د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا:

مدد، مرد، مند، مڙد وغيره

ايسٽيرڪ (*) جو استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ

لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ ايسٽيرڪ (*) نشان ڪنهن لفظ جي لامحدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙا لفظ ڳولڻ جنهن ۾ اکرن جي رينج اڻڄاتل هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م*د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا:

محمد، موجود، مدد، مسجد، مقصد، مراد، مرد،محمود وغيره.

رابطو

اميد ڪجي ٿي ته اوهان کي سنڌسلامت جو هي پراجيڪٽ پسند آيو هوندو
ڪنهن به قسم جي ڏکيائيءَ جي صورت ۾ اسان سان هيٺين ڳانڍاپن تي رابطو ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ